سانگي ريلوي اسٽيشن

سانگي ريلوي اسٽيشن: هيءَ ريلوي اسٽيشن، سکر کان اٽڪل 40 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي پنجاب ويندڙ ريلوي لائين تي واقع آهي. هن ريلوي اسٽيشن جو بنياد انگريز دؤر ۾ پيو. هيءَ ريلوي اسٽيشن، روهڙيءَ واري ٽريڪ تي آهي، جيڪا ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين وڃي ملي ٿي. 3 جنوري 1990ع تي رات جو ساڍي يارهين وڳي ڌاري سانگي ريلوي اسٽيشن تي بيٺل مال گاڏيءَ سان مسافر ريل بهاءُ الدين زڪريا ايڪسپريس جو ٽڪر ٿي پيو هو، جنهن ۾ 350کان وڌيڪ ماڻهو ٿڏي تي فوت ٿي ويا هئا ۽ 700 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا. هيءَ ريلوي اسٽيشن اڄ به انهيءَ واقعي سبب ياد ڪئي وڃي ٿي.


لفظ سانگي ريلوي اسٽيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو